پراڻو ديرو2

پراڻو ديرو2: پراڻي ديري جي نالي سان هڪ قديم شهر تعلقي شاهبندر جي تپي ”ڇڇ جهان خان“ جي ديهه ”ديرو پراڻو“ ۾ واقع آهي. هيءُ قديم شهر سمن جي دؤر ۾ گاديءَ جو هنڌ هو. بعد ۾ مغل بادشاهه اورنگزيب 1041هه/ 1631ع ۾ ان جي سامهون ”اورنگا بندر“ نالي نئون بندر ٻڌايو. هن وقت هن بندر جا آثار معدوم ٿي ويا آهن ۽ اورنگزيب جي ماڙيءَ جا آثار به پٽ پئجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو